اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان پينڊورا پيپرز جي اعليٰ سطحي جاچ لاءِ سيل قائم ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ترجمانن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان پينڊورا پيپرز جي جاچ جو حڪم ڏيندي اعليٰ سطحي سيل قائم ڪري ڇڏيو. ٽوئيٽر تي وفاقي وزير فواد چوڌري لکيو ته ، پينڊورا ليڪس جي جاچ لاءِ وزيراعظم عمران خان ، وزيراعظم انسپيڪشن ڪميشن تحت اعليٰ سطح جو جاچ سيل قائم ڪيو آهي. سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ، اعليٰ سطحي جاچ سيل پينڊورا ليڪس ۾ شامل سمورن ماڻهن کان جواب طلب ڪندو. پينڊورا ليڪس بابت حقيقتون قوم جي سامهون آنديون وينديون. ذريعن موجب ايف آءِ اي، نيب ۽ ايف بي آر ۽ اينٽي ڪرپشن پينڊوراليڪس ۾ شامل ماڻهن بابت جاچ ڪندي. ياد رهي ته پينڊورا پيپرز ۾ 700 کان وڌيڪ پاڪستانين جون آف شور ڪمپنيون سامهون آيون آهن. جن ۾ ڪجهه رٽائرڊ فوجي آفيسر به شامل آهن.










