مرسيڊيز بينز پاران سستي اليڪٽرڪ ڪار متعارف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا ۾ لگزري گاڏيون ٺاهيندڙ  جرمن ڪار ڪمپني مرسڊيز بينز پنهنجي سستي اليڪٽرڪ گاڏي اِي ڪيو اِي کي متعارف ڪرايو ويو آهي. اها مرسڊيز جي فليگ شپ اليڪٽرڪ سيڊان کان ٿوري ننڍي آهي ۽ يقينن سستي به هوندي پر ڪمپني في الحال قيمت بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو ۽ اها ايندڙ سال ڪنهن به وقت ڪسٽمرز جي لاءِ پيش هوندي.. اِي ڪيو اِي جي سائيز اِي ڪيو ايس کان 3.5 انچ ننڍي آهي پر ان جا گهڻي قدر فيچر مرسڊيز جي فليگ شپ اليڪٽرڪ سيڊان سان ملندڙ جلندڙ آهن. اِي ڪيو اِي ۾ اِي ڪيو ايس وانگر تمام وڏو هائيپر اسڪرين ڊسپلي به موجود آهي جيڪو ڊيش بورڊ تي لڳل آهي پر آپشنل هوندو. ان گاڏي ۾ 90 ڪلو واٽ بيٽري بيڪ اپ هوندو ۽ ڪمپني موجب فل چارج تي اها گاڏي 410 ميل تائين سفر ڪري سگهندي. اِي ڪيو اِي ۾ 288 هارس پاور جي انجڻ هوندي جڏهن ته اِي ڪيو ايس ۾ 516 هارس پاور آهي. مرسڊيز بينز ٻڌايو ته اِي ڪيو اِي جو ٻيو ورزن به لانچ وقت موجود هوندو، پر اهو واضح نه ڪيو ته ان ۾ ڪهڙو فرق هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو