سپر اسٽار مائره خان ساليانو ڪيترو ڪمائي ٿي؟

سپر اسٽار مائره خان ساليانو ڪيترو ڪمائي ٿي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپر اسٽار مائره خان جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي مختلف افواهه هلي رهيا آهن جن جي هن ترديد ڪئي آهي. سندس مداح هن جي پگهار يا سالياني آمدن بابت انداز لڳائي رهيا آهن ته هوءَ هر سال ڪروڙين ڪمائي ٿي. جنهن بابت مائرا چيو آهي ته اصل ۾ سندس ڪا به پگهار ناهي پر جڏهن ڪو فلم يا درامو ملندو آهي ته معاوضو مختلف هوندو آهي پر ڪمرشل جا وڌيڪ پيسا ملندا آهن. هن سالياني آمدن بابت ڪجهه نه ٻڌايو. هڪ گهر جي تصوير جي هيٺان لکيل آهي ته هي مائرا جو گهر آهي. جنهن تي هن چيو ته گهر تمام خوبصورت آهي پر ڪاش منهنجو هجي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو