مسلم ليگ (ن) ۾ اختلاف، شهباز پاران استعيفيٰ جي ڌمڪي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) ۾ اختلافات ٿي ويا آهن ۽ شهابز شريف پارٽي صدارت ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز ۽ شهباز شريف ۾ پاليسين تي اختلاف آهي. مفاهمت ۽ مزاحمت وارين پاليسين سبب ٻنهي ۾ اختلاف آهن. ڪشمير ۾ چونڊون بري طرح هارائڻ تي ٻنهي م اختلاف آهن. شهابز شريف کي حمزه شهباز في الحال روڪي ورتو آهي ۽ چيو ته ميان نواز شريف سان ڳالهائڻ تائين تڪڙ نه ڪريو. ڪشمير چونڊن بعد مريم نواز ڪورونا جو بهانو ڪري خاموش ٿي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو