نور مقدم قتل جا اهم راز فاش، جوابدار اقرار ڪري ڇڏيو

نور مقدم قتل جا اهم راز فاش، جوابدار اقرار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي سفير جي بيدردي سان قتل ڪيل نياڻي نور مقدم جي قتل جي اصل ڪهاڻي سامهون اچي وئي. جوابدار پوليس کي ٻڌايو ته اسين ننڍي هوندي جا دوست هئاسين، 2 سال اڳ تعلق خراب ٿيو پر وري دوستي ٿي وئي. مون نور کي شادي لاءِ چيو هن انڪار ڪيو ۽ مون ڪاوڙ ۾ کيس قتل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ملزم ظاهر جعفر جيڪو هڪ وڏي واپاري جو پٽ آهي تنهن بابت پوليس جو چوڻ آهي ته سندن گهر جي سامهون واري گهر جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ قتل جو منظر رڪارڊ ٿيل آهي. جنهن ۾ تشدد بعد نور ٻاهر گيٽ وٽ سيڪورٽي گارڊ جي ڪمري ۾ آئي ته ملزم ڀڄندو آيو کي کيس وارن کان ڇڪي اندر کڻي ويو، هوءَ رڙيون ڪندي رهي پر گهٽي جيڪيترن ئي چوڪيدارن لڪاءُ ڏسڻ جي باوجود پوليس کي اطلاع نه ڏنو. ملزم جي پيءُ ۽ ماءُ به سڄو تماشو ڏٺو نه پٽ کي هنن روڪيو نه ئي پوليس کي اطلاع ڏنو. سندس ماءَ عصمت آدم نفسياتي مرڪز تان اسٽاف گهرائي ڊرامو ڪيو ته هو نفسياتي مريض آهي. هن وقت جوابدار، سندس والدين، گارڊ ۽ ٻيا گهريلو ملازم گرفتار آهن. جوابدار آمريڪي شهري آهي ۽ ساڻس آمريڪي سفارتخاني جي اهلڪار اڱاري تي ملاقات ڪري معلومات ورتي. ملزم جي موبائيل مان عورتن تي تشدد جون ويڊيوز به مليون آهن.

وڌيڪ تفصيلن لاءِ هي خبر به پڙهو به پڙهو

پهنجو تبصرو موڪليو