پي ٽي آءِ سڀني کان اڳتي، پي پي ۽ نون ليگ پاران ڌانڌلي جوالزام

پي ٽي آءِ سڀني کان اڳتي، پي پي ۽ نون ليگ پاران ڌانڌلي جوالزام

مظفرآباد (خصوصي رپورٽ) آزاد ڪشمير ۾ پولنگ مڪمل ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ شروع ڪئي وئي آهي، نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ پي ٽي آءِ سڀني کان اڳتي آهي 10 سيٽون کٽي چڪي آهي. سنگل لارجيسٽ پارٽي طور سامهون آئي آهي، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ڌانڌلي جو الزام هنيو آهي. غير سرڪاري نتيجن موجب پي ٽي آءِ کي 32 سيٽن تي برتري حاصل هئي، ڪشميري مهاجرن جي سيٽن جن تي ووٽرن جو تعداد تمام گهٽ آهي انهن ٽن سيٽن جا نتيجا اچي ويا آهن جن جو اعلان  آزاد ڪشمير جي چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيو. جنهن موجب اِيل اَي 40 ڪشمير ويلي ون مان پيپلز پارٽي جو عامر عبدالغفار 2165 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي. پي ٽي آءِ جو محمد سليم بٽ 875 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ايل اي 41 ويلي 2 پنجاب جي 17 پولنگ اسٽيشن نتيجو مڪمل ٿي ويو ۽ پي ٽي آي جو غلام محي الدين ديوان 2326 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ٻئي نمبر تي مسلم ليگ (ن) جو محمد اڪرام بٽ 741 ۽ پي پي جو شبيرعباس مير 166 ووٽ حاصل ڪيا. ايل اي 43 ڪشمير ويلي 4 مان پي ٽي آءِ جو  جاويد بٽ 774 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ٻئي نمبر تي مسلم ليگ (ن) جي نسيما خاتون 720 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهي. ايل اي 44 ڪشمير ويلي 5 تي مسلم ليگ (ن) جو احمد رضا قادري 2007 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ ٻئي نمبر تي آل ڪشمير جمون مسلم ڪانفرنس جي مهرالنساءِ 1163 ووٽ ؛ني ٻئي نمبر تي رهي. ٻين حلقن ۾ ڳڻپ جاري آهي.. ڪوٽلي ۾ ايل اي 12 جي هڪ پولنگ تي ٻن سياسي جماعتن ۾ جهيڙي سبب ظهير نالي ڪارڪن قتل ۽ 3 زخمي ٿيا آهن. زخمين مان هڪ ڪارڪن بعد ۾ فوت ٿي ويو ۽ فوتين جو انگ 2 ٿي ويو. ايل اي 15 باغ ۾ به مسلم ليگ (ن( ۽ ڦي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، هڪٻئي تي ڏنڊن سان حملو ڪيو ويو، پولنگ متاثر ٿي بعد ۾ فوج ۽ رينجرز پهچي پولنگ ٻيهر شروع ڪرائي. ڪشمير جي سماهني جي علائقي ۾ پي ٽي آءِ اميدوار چوڌري علي شان جي قافلي تي پٿراءُ ڪيو ويو جنهن سبب سندس گاڏي جي ونڊ اسڪرين ڊيميج ٿي. ايل اي 32 ڊل چٽيان ۾ سياسي ڪارڪن عورتن جي پولنگ ۾ داخل ٿيا ته پوليس کين روڪيو جنهن تان هنن پوليس کي مارڪٽ ڪئي ۽ 5 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. جڏهن تي مظفرآباد جي سيٽ ايل اي 28 تي جهيڙي سبب پولنگ معطل آهي. آزاد ڪشمير جي 53 سيٽن واري اسمبلي جي چونڊ عمل جاري آهي. آزاد ڪشمير جي اسمبلي جون هن ڀيري سيٽون وڌايون ويون آهن. اڳ ۾ 49 سيٽون هيون ۽ هاڻي 53 ڪيون ويون آهن. اڳ ۾ 41 جنرل سيٽون هيون هاڻي 45  جنرل سيٽون آهن جن مان 33 آزاد ڪشمير جي علائقن لاءِ آهن ۽ 12 سيٽون والاريل ڪشمير جي مهاجرن لاءِ آهن. مهاجرن جي 12 سيٽن مان 6 جمون ۽ 6 وادي جي مهاجرن لاءِ آهن. 45 جنرل سيٽن لاءِ پولنگ 25 مارچ تي ٿيندي. جنهن بعد ڪاميابي جي تناسب سان 5 عورتن، هڪ عالم، هڪ ٽيڪنوڪريٽ ۽ هڪ اوورسيز ڪشميرين لاءِ مختص آهي. ٽوٽل 32 لک ووٽر آهن. 45 سيٽن لاءِ 724 اميدوار ميدان ۾ آهن. جڏهن تي آزاد ڪشمير جي 33 جنرل سيٽن لاءِ 579 اميدوار ميدان ۾ آهن. مهاجرن جي 12 سيٽن لاءِ 145 اميدوارن ۾ مقابلو آهي.  ڪشمير ۾ چونڊ انتظامن لاءِ 40 هزار پوليس اهلڪار ۽ 7 هزار فوجي جوان تعينات ڪيا ويا آهن. هن وقت ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي، وزيراعظم راجا فاروق حيدر آهي. موجود اسمبلي جي 49 سيٽن مان 33 مسلم ليگ (ن) ۽ 2 جماعت اسلامي وارا حڪومت ۾ آهن. پيپلز پارٽي جا 5، مسلم ڪانفرنس ۽ پي ٽي آءِ جا ٽي ٽي،  هڪ جمون ڪشمير پي پي ۽ هڪ آزاد اپوزيشن ۾ آهن. اپوزيشن ليڊر پيپلز پارٽي جو چوڌري لطيف اڪبر آهي. آزاد ڪشمي جي 33 حلقن مان 12 حلقن ۾ سخت مقابلو آهي. اسلام آباد جي وڏي ۾ وڏي شاپنگ مال سينٽورس جو مالڪ تنوير الياس باغ مان مسلم ليگ (ن) جي مشتاق منهاس سان مقابلي ۾ آهي. مشتاق منهاس صحافي مان سياستدان بڻيو، هو نصرت جاويد سان آج ٽي وي تي بولتا پاڪستان پروگرام جو ڪو هوسٽ رهيو آهي. چون ٿا ته تنوير الياس عمران خان جي نئين اي ٽي ايم مشين آهي ۽ وزيراعظم جو اميدوار آهي. هن حلقي مان جماعت اسلامي جو عبدالرشيد ترابي تنوير الياس کان مبينه طور 7 ڪروڙ وٺي سندس حق ۾ دستبردار ٿي ويو آهي. جماعت اسلامي کيس مسلم ليگ (ن) جي حق ۾ هٿ کڻڻ لاءِ چيو هو ۽ مريم نواز جلسي ۾ ان جو اعلان به ڪيو هو پر معاملو ابتو ٿي ويو. جنهن بعد جماعت اسلامي کيس پارٽي مان خارج ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو