اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ سينيٽر سيف الله ابڙو چيو مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جاتي عمره ۽ لاڙڪاڻي جون ڦولن ديويون ڪشمي چونڊ مهم دوران اخلاقيات ڀلجي چڪا آهن. گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته پاڪستان جي عظيم ليڊر عمران خان کي هو ڪشمير فروش سڏي سياسي اخلاق کا ڪريل زبان استعمال پيا ڪن. هنن چيو ته ٻنهي جي نالائقين سبب ڪشميري کين رد ڪري چڪا آهن. پوري دنيا چوي ٿي ته ڪشمير جو ڪيس عمران خان بهتر لڙيو آهي. نواز شريف جڏهن گڏيلقومن ۾ ويو هو ته سندس زبان تي تالو هو ۽ هن ڪشمير جو نالو به نه کنيو هو. سيف الله ابڙو چيو ته مان لاڙڪاڻي جو آهيان، پي پي وارن سنڌ ۾ وڏي تبهاي ڪئي آهي، تازو امتحانن ۾ ڪاپي جي ڌم آهي، تعليم جو نظام تباهه آهي. مون ايوان م هنن کي آئينو ڏيکاريو ته هي ڀڄي ويا هئا.










