سنڌ هاءِ ڪورٽ جا 3 ايڊيشنل جج مستقل ٿي ويا

سنڌ هاءِ ڪورٽ جا 3 ايڊيشنل جج مستقل ٿي ويا

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) جڊيشل ڪميشن سنڌ جي ٽن ايڊيشنل ججن کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ جن سنڌ جي ٽن ججن کي مستقل ڪيو ويو تن ۾ جسٽس راشده اسد، جسٽس عبدالمبين لاکو ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي شامل آهن. اجلاس ۾ شريڪ سنڌ بار جي ميمبر عبدالرزاق مهر سنڌيار کي ٻڌايو ته ٽنهي جي بطور ايڊيشنل جج مدت 28 آگسٽ 2021 تي مڪمل ٿيڻ واري هئي. مستقل ٿيڻ بعد هو 62 سالن جي عمر تائين جج رهي سگهندا. جسٽس راشده اسد کي 3 سال ملندا، جسٽس لاکو جيڪو عبدالحفيظ لاکو جو فرزند آهي ان کي 11 سال ملي ويندا ۽ جسٽس سانگي کي 14 سال ملي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو