وزيراعظم، اپوزيشن کي چونڊ سڌارن لاءِ دعوت ڏئي ڇڏي

وزيراعظم، اپوزيشن کي چونڊ سڌارن لاءِ دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان اپوزيشن کي چونڊ سڌارن بابت گڏيل قانونسازي جي دعوت ڏئي ڇڏي. هن چيو ته هي ڪنهن پارٽي نه پر جمهوريت جي مستقبل جو سوال آهي. قومي اسمبلي ۾ خطاب ڪندي هن بجيٽ جي منظوري تي پنهنجي پارٽي ۽ اتحادي جماعتن جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته مون دنيا ۾ نيوٽرل امپائر جو تصور ڏنو ۽ مان چاهيان ٿو ته پاڪستان ۾ غير تڪراري چونڊون ٿين ۽ ٽيڪنالوجي جو ان ۾ استعمال يقيني بڻايو. هن چيو ته آمريڪا ۾ صدر ٽرمپ هارائي ويو ته نتيجا قبول نه ڪيا. ميڊيا هن کان ثبوت گهريا جيڪي هن وٽ نه هئا. هن چيو ته 1970 کان وٺي پاڪستان ۾ ڪا به چونڊ غيرجانبدار نه ٿي آهي. عمران خان چيو ته اسانجي بجيٽ فلاحي رياست واري نظريي تي ٻڌل آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو