مولانا نڪاح پڙهائي (ن) ليگ ۽ پ پ ۾ طلاق ٿي وئي،فواد

مولانا نڪاح پڙهائي (ن) ليگ ۽ پ پ ۾ طلاق ٿي وئي،فواد

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سياست مولانا فضل الرحمان جي وس جي ڳالهه نه آهي. اپوزشن پاڻ گڏ نه آهي، لڳي ٿو ته(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ طلاق ٿي وئي آهي. اپوزيشن ڪک جيان وکريل آهي.سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته  بجيٽ ۾ عام ماڻهو جي لاءِ ريليف هوندو ۽ ترقياتي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. مخالف ڌر ڪکن جيان وکريل آهي پر پوءِ به اسان مخالف ڌر سان لاڳاپن ۾ بهتري جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته مسلم ليگ(ن) پاڻ فيصلا ڪري ته هنن جي پاليسي ڪهڙي آهي؟ (ن) ليگ، شهباز شريف ۽ مريم نواز جو جهيڙو ختم ٿئي ته هي پنهنجون پاليسيون واضح ڪن.وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ(ن) ۽ پ پ جي پاليسين سبب پاڪستان جنهن دلدل ۾ ڦاٿو هو ان مان ٻاهر اچي ويو آهي. هن چيو ته هلندڙ سال جي بجيٽ اسان جي ڪارڪردگي جي مثال هوندي  جڏهن ته اسان جي اتحادي پارٽين بجيٽ جي حمايت جو يقين ڏياريو آهي. اسان سياسي بنيادن تي مقررين ۽ ڀرتين جو سلسلو ختم ڪنداسين.فواد چوڌري چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي عوامي طاقت اقتدار ۾ کڻي آئي. جڏهن ته مخالف ڌر پاڻ ۾ ئي متحد نه آهي انهن جي وچ ۾ جهيڙا هلي رهيا آهن. مولانا فضل الرحمان نڪاح وغيره پڙهائي ڇو ته هاڻ سياست ان جي وس جي ڳالهه نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو