قرض وٺي پگهارون ڏيڻ خطرناڪ عمل آهي،چيف جسٽس

قرض وٺي پگهارون ڏيڻ خطرناڪ عمل آهي،چيف جسٽس

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جا سرڪاري ادارا پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ جي قابل نه آهن.چيف جسٽس  گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ٻيلي کاتي خيبرپختونخواهه جي ملازم فضل مختار جي پينشن واري ادائگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ڏيندڙ وڪيل دليل ڏنا ته 1989ع ۾ پروجيڪٽ پرفارسٽ گارڊ ڀرتي ٿيو ۽ 1994ع ۾ فارغ ڪيو ويو ۽ ان وقت فريش اپوانمنٽ ڪئي وئي هاڻ پينشن جي ادائيگي دوران منهنجي چار ساله سروس ڳڻپ نٿي ڪري سگهجي. عدالت فارسٽ گارڊ فضل مختار جي پينشن ادائگي بابت اپيل رد ڪري ڇڏي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه قاسم ودود کي چيو ته خيبرپختونخواهه جا سرڪاري ادارا پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ جي قابل نه آهن. صوبي ۾ سرڪاري ادارن ۾ ماڻهن کي وڏي انگ ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي. اوهان جي حڪومت آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ کان قرض کڻي رهي آهي. اهو طريقو خطرناڪ آهي قرض کڻي سرڪاري ملازمن کي پگهارون ادا ڪيون پيون وڃن. ڇا خيبرپختونخواهه ۾ سرڪاري نوڪرين کان علاوه روزگار جو ٻيو ڪوبه ذريعو نه آهي.ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه قاسم ودود چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ کان صوبو ڊائريڪٽ فنڊ نٿو وٺي سگهي. جسٽس مظهر علي اڪبر نقوي چيو ته خيبرپتخونخواهه جي معيشت کي جيڪو نقصان ٿي رهيو آهي ان جو سڀني کان وڏو سبب اسمگلنگ آهي. خيبرپختونخواهه ۾ انڊسٽري کي وڌائڻ جي لاءِ اسمگلنگ کي روڪڻو پوندو. ڪي پي ڪي ۾ اسمگلنگ ۾ ملوث ڪردارن کي ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو