ڌاڙيلن خلاف آپريشن3 پوليس اھلڪار شهيد 5 زخمي

ڌاڙيلن خلاف آپريشن3 پوليس اھلڪار شهيد 5 زخمي

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) شڪارپور پوليس طرفان ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن، پوليس مقابلو، فائرنگ، ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد،  ٽن شهيد اهلڪارن ۾ هڪ فوٽو گرافر شامل، ٻن ايس ايڇ اوز سميت 5 اهلڪار زخمي، بڪتر بند گاڏي کي نقصان، ڌاڙيلن جو بڪتربند گاڏيءَ کي يرغمال بڻائي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي شڪارپور پوليس طرفان 12 مغوين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ شڪارپور جي تعلقي خانپور جي ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ هلندڙ آپريشن دوران پوليس مقابلي ۾ 20 ڏينهن اڳ خانپور شهر مان اغوا ڪيل چار مغوي واجد سيٺار، اسامه سيٺار، عمران گولو ۽ عابد گولو کي بازياب ڪرايو ويو هو جڏهن ته پوليس مطابق ٻه ڌاڙيل به گرفتار ڪيا ويا آهن، ٻين مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي سلسلي ۾ هلندڙ پوليس آپريشن جي دوران ڌاڙيلن جو پوليس سان سخت مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ اي پي سي ڊرائيور سعيد مهر، پوليس اهلڪار منور جتوئي، پوليس فوٽو گرافر حسيب شيخ موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته مقابلي دوران ٻن ٿاڻيدارن غلام سرور ۽ زاهد ابڙو جڏهن ته پوليس ڪانسٽيبل سعيد احمد، عمران علي سومرو، اسد الله سخت زخمي ٿيڻ جي اطلاع مليو آهي، جڏهن ته زخمي ٿيندڙ ٻن ايس ايڇ اوز کان علاوه ٽن پوليس اهلڪارن کي سول اسپتال شڪارپور ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، ٻئي طرف هلندڙ آپريشن دوران پوليس اهلڪارن طرفان سوشل ميڊيا تي وڌيڪ نفري موڪلڻ لاءِ وڊيو وائرل ڪئي، ٻئي طرف اطلاع مليا آهن ته ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ بڪتربند گاڏي کي سخت نقصان پهتو آهي جڏهن ته ڌاڙيلن طرفان بڪتر بند گاڏي کي يرغمال بڻائي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي آهي آخري اطلاع تائين پوليس طرفان ڌاڙيلن خلاف ڪچي ۾ آپريشن هلندڙ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو