اسرائيل جي فلسطين تي بمباري جاري 218 شهيد

اسرائيل جي فلسطين تي بمباري جاري 218 شهيد

غزه(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي راڪيٽ حملن ۾ اسلامي يونيورسٽي جي هڪ عمارت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي جڏهن ته لاڳيتو 8 ڏينهن کان جاري بمباري سبب شهيدن جو انگ 218 ٿي ويو آهي.هوڏانهن حماس جي اسرائيل مٿان راڪيٽ حملي ۾ 10 اسرائيلي به مارجي ويا آهن. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب غزه تي اسرائيل جي بمباري لاڳيتو اٺين ڏينهن به جاري رهي. راڪيٽ حملن ۾ اسلامي يونيورسٽي جي هڪ عمارت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. خوشقسمتي سان حملي وقت شاگرد ۽ عملو يونيورسٽي ۾ موجود نه هو. غزه ۾ اٺن ڏينهن کان جاري اسرائيل جي بمباري ۾ شهيدن جو انگ 212 ٿي ويو. شهيد ٿيندڙن ۾ 63 ٻار، 37 عورتون ۽ 18 بزرگ شامل آهن جڏهن ته 1400 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.اسرائيلي حملن ۾ ميڊيا هائوسز سميت 3 عمارتون به مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون. ٻئي طرف غزه مٿان حماس به اسرائيلي علائقي تي راڪيٽ فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 10 اسرائيلي به مارجي ويا. جڏهن ته لبنان طرفان به اسرائيلي زمين تي راڪيٽ فائر ڪيا ويا.هوڏانهن آمريڪي صدر جوبائيڊن چوٿون ڀيرو اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي ٽيليفون ڪيو آهي ۽ غزه ۾ سيز فائر جي حمايت جو يقين ڏياريو آهي. جڏهن ته آمريڪي صدر اسرائيل کي هٿيارن جي وڪرو جي به منظوري ڏني آهي جنهن تي مسلمان پارليامينٽ جي ميمبر عمر  الهان به سخت احتجاج ڪيو آهي.هوڏانهن ترڪ صدر طيب اردوان آمريڪا طرفان اسرائيل کي هٿيار وڪرو ڪرڻ جي منظوري تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته جوبائيڊن اسرائيل جي حمايت ڪري پنهنجا هٿ فلسطينين جي رت سان رڱي ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو