ميڊيا آڏو بيان ڇو ڏنو احساس ڪفالت مافيا آپي مان ٻاهر

ميڊيا آڏو بيان ڇو ڏنو احساس ڪفالت مافيا آپي مان ٻاهر

ٺڪراٺو( ن سنڌيار)مجبور مسڪين مستحقين کي داٻا ۽ دڙڪا هاڻ پئسا به ميڊيا وارن کان وٺو ، احساس ڪفالت پروگرام سينٽر تي ڪالھ ڊوائيس ايجنٽن پاران في ڪارڊ تي پنج سئو روپيه ڪٽوتي ڪرڻ جي شڪايتن تي ميڊيا پاران ڪوريج ڪرڻ تي زبردستي سينٽر بند ڪري ڇڏيو ، مستحقين بيمار پوڙهيون ۽ مسڪين عورتون در بدر ، سينٽر تي موجود مستحقين پاران فون ذريعي انتظاميا کي شڪايتون ڪرڻ باوجود انتظاميا ڪو به نوٽيس نه ورتو  ، جنهن بعد مجبور مسڪين مستحقين پاران ٺڪراٺو نانگورو روڊ تي احتجاج ڪيو ويو ، انتظاميا کي فوري نوٽيس وٺي ڪري سينٽر کولرائڻ جي اپيل .عوام پاران في ڪارڊ تي پنج سئو روپيه ڪٽوتي ڪرڻ جون شڪايتون ملڻ تي ميڊيا پاران ڪوريج ڪرڻ تي ڊوائيس مافيا مالڪان آپي مان نڪري ويا ، ڪالھ کان وٺي سينٽر زبردستي بند ڪري ڇڏيو سينٽر تي آيل مجبور بيمار ۽ ضعيف عورتن سميت  مستحقين دربدر آهن ، سينٽر تي آيل مستحقين پاران انتظاميا جنهن ۾ مختيارڪار پنوعاقل ، احساس ڪفالت پنوعاقل انتظاميا توڙي مقامي پوليس مبارڪپور کي شڪايتون ڪيون پر انتظاميا پاران ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو ، جنهن بعد مستحقين پاران ٺڪراٺو نانگورو روڊ تي نٽھڻ اس ۾ روڊ تي ويهي احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙن محمد نواز ڀنڀرو ، علي نواز شنباڻي ، علي گوهر ، خورشيد مهتم ، مائي سيباڻي ، الهداد ملڪ ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان ڪالھ کان وٺي پنهنجا ٻار ٻچا ورتيون سينٽر ٻاهران ويٺا آهيون پر ڊوائيس مالڪ سينٽر بند ڪيون ويٺا آهن ، اهي اهو چئي رهيا آهن ته ڪالھ اسان جي ميڊيا وارن ڇو ڪوريج ڪئي آهي ، هاڻ اوهان ميڊيا وارن کي نه اچڻ ڏيو ۽ في ڪارڊ تي 500 روپيه ڏيو ته اسان سينٽر هلايون ٿا ، جنهن تي مستحقين انهن کي جواب ڏنو ته اسان ميڊيا وارن کي ڇو نه اچڻ ڏيون اهي ئي ته آهن جيڪي اسان جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچائن ٿا ۽ اوهان ڇو ٿا 500 روپيه في ڪارڊ تي ڪٽيو جنهن تي ڊوائيس مالڪان مستحقين کي اهو چئي موٽائي ڇڏيو ته وڃي ميڊيا وارن کان پئسا وٺو ، مظاهرين پاران ضلعي ، تعلقه توڙي مقامي انتظاميا کي اپيل ڪئي ته سينٽر کولرائي ڏنو وڃي ته جيئن اسان پنهنجو آيل وظيفو وٺي ڪري ڀلاري مهيني رمضان شريف ۾ پنهنجي ٻچڙن لاء ڪا خريداري ڪري سگهون ، احتجاج جي خبر پوڻ تي ايس ايڇ او مبارڪپور عبدالوهاب پتافي سينٽر تي پهتو جنهن جي آڏو پڻ مستحقين عورتن ۽ مردن دانهون ڪيون ايس ايڇ او پاران  مستحقين کي اهو جواب ڏنو ته ڊوائيس واران چون ٿا ته اسان وٽ پئسا ناهن ، ميڊيا پاران ايس ايڇ او کان اها پڇا ڪئي ته ڇا اوهان انهن کي سينٽر کولي ويهڻ لاء پابند ڪري سگهو ٿا جنهن تي ايس ايڇ او صاحب جواب ڏنو ته اسان جو ڪم سڪيورٽي فراهم ڪرڻ آهي اسان انهن کي پابند نه ٿا ڪري سگهون ، سڄو  ڏينهن مستحقين پاران انتظار ڪرڻ بعد مسڪين مارون مايوس ٿي ڪري پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو