اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 149 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 6هزار127 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سرڪاري رپورٽ موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مثبت اچڻ جي شرح 8.5 سيڪڙو رهي ۽ هن وقت تائين فوتين جو تعداد 16هزار243 ٿي چڪو آهي ۽ مجموعي ڪيسز 7 لک 56هزار285 تائين پهچي ويو، جڏهن ته فعال ڪيسز جو تعداد 80هزار559 آهي، هن کان علاو24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 4هزار527 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 6 لک 59هزار483 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب صوبي سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد 2لک72هزار197 ٿي ويو، پنجاب ۾ ڪل مريضن جو انگ 2لک67هزار572 آهي، بلوچستان ۾ مريضن جو انگ 20هزار822 تائين پهچي ويو، ڪي پي ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 1لک05هزار438 ٿي ويو، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 15هزار524 ٿي ويو، هن کان علاوه گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا مريضن جو تعداد 5هزار176 ٿي ويو ۽ 103 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعددا 69هزار556 ۽ هن وقت تائين 636 مريض فوت ٿي چڪا آهن.










