رومانوي آهيان پر جلدي محبت نه ڪندي آهيان،عروه

رومانوي آهيان پر جلدي محبت نه ڪندي آهيان،عروه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪاره عروه حسين چيو آهي ته هوءَ قدرتي طور رومانوي شخصيت جي مالڪ آهي پر ان باوجود هوءَ محبت ۾ تڪڙ ناهي ڪندي.عروهه حسين تازو ئي نجي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ شو ۾  شرڪت ڪئي، هن پنهنجي ذاتي ۽ پيشوراڻي زندگي تي کُلي ڳالهايو.پروگرام ۾ عروه حسين ٻڌايو ته هن جي پهرئين پرڊيوس ڪيل فلم”ٽچ بٽن“ مڪمل آهي پر ان کي رليز نه پيو ڪيو وڃي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هوءَ رومانوي شخصيت جي مالڪ آهي پر ان باجود هوءَ محبت ۾ تڪڙ نه ڪندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو