ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي، پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي ڊي ايم جي سمورن عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو ته پي ڊي ايم جي سمورن عهدن تان استعيفيٰ ڏني ويندي، جنهن کي به استعيفيٰ ڏيڻي آهي ته ڏئي ڇڏي، اسان ڪنهن به پارٽي کي ٽڪٽيٽ نه ڪنداسين، ڪير به اسان جي مٿان پنهنجو فيصلو مڙهي نٿو سگهي، نه ئي مڙهڻ جي ڪوشش ڪري، اسان اي اين پي کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، اسان انهن سان گڏ بيٺل آهيون، شوڪاز ڏيڻ جو ڪو به مثال تحريڪن ۾ ناهي ملندا.










