جيڪب آباد (ن سنڌيار) دودا پور ٿاڻي جي حد ۾ جلباڻي ۽ ڪٽوهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا مارجي ويا.پوليس موجب ڏوراهين ڳوٺ پنهور ڀٽي ۾ جلباڻي برادري جي هٿياربندن پراڻي دشمني جي آڌار تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ٻارن ۽ هڪ عورت سميت 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. جنهن کان پوءِ ڪٽوهر برادري برادري جي ماڻهن قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ بدلو وٺڻ جي فائرنگ ڪري جلباڻي برادري جي ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موقعي تي پهچي لاشن کي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب ڳوٺ ڪالوڪٽوهر ۾ هٿياربندن گهر تي حملي دوران انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا. مارجي ويلن ۾ 50 سالن جو محمد بچل، غلام سرور، سندس زال مور زادي، هڪ سال جو عبدالجبار، ٽن سالن جو راجا خان ۽ پنج سالن جو شاهزيب ڪٽوهر شامل آهن. جڏهن ته ڪٽوهر برادري جي هٿياربندن پلاند ۾ شهدادڪوٽ جي ڳوٺ نور محمد جلباڻي تي ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا. مارجي ويلن ۾ ممتاز جلباڻي ۽ محمد بخش جلباڻي شامل آهن. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. جڏهن ته پوليس علائقي کي ڪڙو چارهي ڇڏيو آهي.
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
علامه ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف