بي رحم ڀائرن پاران ڀيڻ زنجيرن سان ٻڌي گهر ۾ قيد

دادو(ن سنڌيار) رت جي رشتن کي باهه لڳي وئي شھر جي سورج آباد محلا ۾  بي رحم ڀائرن پاران پرڻيل ڀيڻ سڪينه مستوئي کي زنجيرن سان ٻڌي گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو ايس ايس پي دادو کي اھڙي خفيه اطلاع ملڻ تي وومين پروٽيڪشن سيل پوليس انچارج انسپيڪٽر بينظير جمالي کي ڪاروائي جا حڪم جاري ڪيا جنھن تي پوليس ڪاروائي ڪندي قيد بڻيل ناري کي بازياب ڪرائي ورتوزنجيرن ۾ جڪڙيل عورت ٻڌايو ته مون کي مڙس گھر ۾ روزاني  مارڪٽ ڪندو ھو ۽ گھران ڪڍي ڇڏيو ھو ان ڪري ڀائرن وٽ پناھ ورتم ته الٽو ڀائرن ظلم ڪيو ڀائرن جو  زور ھيو ته مڙس وٽ واپس وڃ نه وڃڻ جي صورت ۾ مون کي زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو ھو اي سيڪشن ٿاڻي پوليس پنھنجي مدعيت تي ٻن ڀائرن غلام حسين ۽ نياز مستوئي جي خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو تاحال اڃا تائين ڪابه گرفتاري عمل نه آئي آهي پوليس موجب جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو وڌيڪ معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو