لاهور (ويب ڊيسڪ) ايڊيشنل سيشن ۽ بينڪنگ عدالتن کنڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ جهانگير ترين ۽ علي ترين جون عبوري ضمانتون منظور ڪري ورتيون آهن . لاهور جي ايڊيشنل سيشن عدالت کنڊ اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جهانگير ترين ۽ ان جي پٽ علي ترين طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته هو بي قصور آهن ۽ ان جي خلاف حقيقتن جي ابتڙ ڪيس داخل ڪيو ويو. اسان جاچ ڪندڙ لاڳاپيل ادارن سان هر قسم جو تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. اسان جون ضمانتون منظور ڪيون وڃن.عدالت موقف ٻڌڻ کان پوءِ جهانگير ترين ۽ علي ترين جي 10 اپريل تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. ان کان علاوه لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ به جهانگير ترين ۽ علي ترين جي عبوري ضمانت پنج، پنج لک روپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ورتي آهي. عدالت ايف آءِ اي کي ٻنهي جوابدارن کي 7 اپريل تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي ايف آءِ اي کان رڪارڊ به طلب ڪري ورتو آهي.ٻئي طرف جهانگير ترين پنهنجي خلاف داخل ڪيس تي چيو آهي ته منهنجي خلاف داخل ڪيل ٽنهي ايف آءِ آر ۾ کنڊ جون قميتون وڌائڻ جو ڪوبه تعلق نه اهي. منهنجي ڪمپني 10 سال اڳ جيڪي فيصلا ڪيا ان تي سوال اٿاريا پيا وڃن. ڪمپني جي فيصلن بابت جاچ ايس اي سي پي ۽ ايف بي آر جو ڪم آهي. ايف آءِ اي جو ڪم نه آهي. ايف آءِ اي ڄاڻي واڻي مني لانڊرنگ جو لفظ وجهي جاچ شروع ڪئي.جهانگير ترين جي شوگرملن کي ايترو ڇو پيو اڇلايو وڃي ٻين 80 شوگرملز کي ڇو پيو وساريو وڃي. باقاعده منصوبي تحت شيون ليڪ ڪري ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ائين ڇو پيو ڪيو وڃي. هي انتهائي افسوسناڪ ۽ زيادتي آهي.جهانگير ترين وڌيڪ چيو ته منهنجي مٿان لڳايل الزام بي بنياد آهن. ٽنهي ڪيسن سان منهنجو ڪوبه تعلق ناهي. منهنجي عادت ناهي ته ڪنهن شيءَ کان لاتعلقي جو اظهار ڪريان. منهنجي مٿان ڪيس آهي. مان عدالت ۾ پيش ٿي ويس مان پنهنجو موقف پيش ڪندس ۽ اميد آهي ته سرخرو ٿيندس.واضح رهي ته ايف آءِ اي جهانگير ترين، علي ترين ۽ مل جي ملازمن خلاف فراڊ ۽ مني لانڊرنگ جا ڪيس داخل ڪيا آهن.










