سنجراڻي خلاف درخواست جي ٻڌڻي 24 مارچ تي مقرر

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اظهر من الله درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي 24 مارچ تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آهن. سينيٽ جي چونڊ ۾ سينيٽ چيئرمين جي اميدوار يوسف رضا گيلاني طرفان فاروق ايڇ نائيڪ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته يوسف رضا گيلاني جا 7 ووٽ غيرقانوني طريقي سان رد ڪيا ويا ان ڪري ووٽن کي رد ڪرڻ ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته يوسف رضا گيلاني جي رد ٿيل ووٽن کي منظور ڪري ان کي سينيٽ چيئرمين قرار ڏنو وڃي. واضح رهي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ پي ڊي ايم جي اميدوار يوسف رضا گيلاني جا 7 ووٽ رد ٿيا هئا جنهن کان پوءِ پرزائيڊنگ آفيسر سيد مظفر علي شاهه حڪومتي اميدوار صادق سنجراڻي کي چيئرمين سينيت جي چونڊ ۾ ڪامياب قرار ڏنو.جڏهن ته ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ۾ به اپوزيشن جي اميدوار مولانا عبدالغفور حيدري کي شڪست ملي ۽ مرزا آفريدي ڊپٽي چيئرمين بڻيو. هن درخواست ۾ پرزائيڊنگ آفيسر سيد مظفر حسين شاهه، قانون واري وزارت، پارليماني وزارت، سينيٽ سيڪريٽريٽ ۽ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي کي ڌر بڻايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو