دوڙ(ن س) اسٽار ڪالوني جي رهواسين پاران پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ شريڪ ماڻهن جو چوڻ هو ته کين گذريل 2 ڏيھن کان سندن ڪالوني ۾ واٽر سپلاءِ جو پاڻي نٿو ملي. هنن ٻڌايو ته شهرين جي وفد ٽائون ڪميٽي چيئرمين سان به مليو ۽ کيس شڪايت ڪئي، هن جلد مسئلو حل ڪرن جي خاطري به ڪرائي پر اڃا تائين مسئلو حل ناهي ٿيو. هنن چيو ته رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ پاڻي بند ڪري ڪربلا جي صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي. هنن ضلعي انتظاميا کي اپيل ڪئي ته هو مداخلت ڪري پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي.
مشهور خبرون










