دوڙ ۾ پاڻي جي فراهمي بند، متاثرن جو احتجاج، مداخلت جي اپيل

دوڙ(ن س) اسٽار ڪالوني جي رهواسين پاران پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ شريڪ ماڻهن جو چوڻ هو ته کين گذريل  2 ڏيھن کان سندن ڪالوني ۾ واٽر سپلاءِ جو پاڻي نٿو ملي. هنن ٻڌايو ته شهرين جي وفد ٽائون ڪميٽي چيئرمين سان به مليو ۽ کيس شڪايت ڪئي، هن جلد مسئلو حل ڪرن جي خاطري به ڪرائي پر اڃا تائين مسئلو حل ناهي ٿيو. هنن چيو ته رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ پاڻي بند ڪري ڪربلا جي صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي. هنن ضلعي انتظاميا کي اپيل ڪئي ته هو مداخلت ڪري پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو