لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان نون ليگ جِي نائب صدر مريم نواز ۽ حمزه شهباز سان جاتي امراءَ ۾ ملاقات ڪئي. مولانا فضل الرحمان جَي جاتي امراءَ پهچڻ تي مريم، حمزه شهباز، پرويز رشيد ۽ ٻين اڳواڻن سندس آجيان ڪئي، فضل الرحمان ۽ مريم نواز وچ ۾ ملاقات دروان پي ڊي ايم جي اتحاد، ملڪي سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي مشاورت ڪئي وئي.
ٻنهي اڳواڻن ۾ استعيفائن واري مامري تي پيپلز پارٽي جَي جواب بعد اڳتي جِي حڪمت عملي طئه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. مولانا چيو ته پي پي جا خدشا دور ڪري کين گڏ کڻي هلڻ گهرجي، هن موقعي تي پي ڊي ايم ڀڃ ڊاهه جو غلط پيغام ويندو. هوڏانهن ڪيپٽن صفدر يوٿ ونگ جي ڪنوينشن جي انتظامن جو جائزو ورتو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نيب انتقام جو ادارو آهي، مريم نواز 26 تي نيب لاهور ۾ پيش ٿيندي. هن چيو ته جيڪو پي ڊي ايم جي ٽرين ۾ نه ويهندو پوئتي ڌڪجي ويندو. هڪ سوال تي هن چيو ته سياستدانن کي انڊا هڻڻ جي روايت ٺيڪ ناهي، ياد رهي ته شهباز گل کي لاهور ۾ انڊا هڻڻ بعد ڪيپٽن صفدر کي به پشاور ۾ انڊا لڳا هئا.










