عدالتي حڪم تي ڇاپا، 27 هاري نجي جيلن مان بازياب

عدالتي حڪم تي ڇاپا، 27 هاري نجي جيلن مان بازياب

عمرڪوٽ (ن سنڌيار) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي ڪنري پوليس ۽ عمرڪوٽ پوليس زميندارن جي نجي جيلن تي ڇاپا هڻي 27 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو.  ڪنري ٿاڻي جي پوليس زميندار زاهد پنجابي جي زرعي زمين تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل 22 هارين کي بازياب ڪرايو، جنهن بعد عمرڪوٽ ٿاڻي جي پوليس زميندار ڌنيش مالهي جي زرعي زمين تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل 5 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو. پوليس ناحق باندي بڻايل 27 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو. بازياب ڪرايل هارين ۾ مسمات راڻي، سليم، گورڌن، اندران، راجو، راجوير، ۽ معصوم ٻار شامل هئا. پيش ڪيل هارين جا بيان ٻڌڻ بعد فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو