اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)اپوزيشن پارٽين چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ وصول ڪري ورتا آهن.اپوزيشن پارٽين سينيٽ جي سيڪريٽري قاسم صمد خان کان چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ وصول ڪري ڇڏيا آهن. پيپلز پارٽي جي يوسف رضا گيلاني جي جڳهه ان جا ڪاغذ شيري رحمان وصول ڪيا.جڏهن ته ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي نامزد اميدوار مولانا عبدالغفور حيدري پنهنجا ڪاغذ پاڻ وصول ڪيا. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان، فاروق ايڇ نائيڪ ۽ سعيد غني به موجود هو. ٻئي طرف يوسف رضا گيلاني سينيٽ ميمبرز جو ڪارڊ به حاصل ڪري ورتو.










