رانجهاڻي قتل ڪيس جي جوابدار جي ضمانت رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس بابت سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي، سپريم ڪورٽ جوابدار رحيم شاهه جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ جو چوڻ هو ته جوابدار جا وڪيل چاهين ته ضمانت  لاءِ ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪري  سگهن ٿا، عدالت چيو ته دير ٿيڻ جي بُنياد تي سپريم ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست  داخل نٿي ڪري سگهجي، ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ گرفتار  جوابدار رحيم شاهه ٽرائل ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت جون درخواستون رد ٿيڻ بعد سپريم ڪورٽ ۾  ضمانت جي درخوست داخل ڪئي هئي. ياد رهي ته ڪراچي ۾ مسلم ليگ (ن) جي يو سي چيئرمين رحيم شاهه ڦر جي الزام هيٺ ارشاد رانجهاڻي کي قتل ڪيو هو، کيس زخمي حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ هن ايمبولينس روڪي کيس ٻيهر گوليون هڻي موقعي تي ماريو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو