اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عمران صاحب! توهان اعتماد جا ڊراما نه ڪريو، هاڻي اسان فيصلو ڪنداسين ته عدم اعتماد ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪرڻو آهي، اسان عمران خان جو جيئڻ حرام ڪنداسين، کيس ڀڄڻ نه ڏينداسين، پيپلزپارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر بي اعتمادي رٿ جِي شروعات پنجاب کان شروع ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته هاڻي سڀ کان پهرين پنجاب کي بچائڻ گهرجي، پر بَي اعتمادي رٿ سميت اڳتي جِي حڪمت عملي جو فيصلو پي ڊي ايم ڪندي، پي ڊي ايم سينيٽ چيئرمين جِي چونڊ ۾ به حڪومت کي شڪست ڏيندي، عمران خان کي پنهنجو رويو صحيح ڪرڻو پوندو، هاڻي گهڻي دير ٿي وئي ۽ هاڻي حڪومت کي ڪير به نٿو بچائي سگهي.










