اڄ کا پي ايس ايل ميچز ۾ 50 سيڪڙو تماشائي هوندا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ 6 جي باقي ميچز لاءِ اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏسندڙ تماشائين جو تعداد 20 سيڪڙو مان وڌائي 50 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. گذريل رات کان آن لائن ٽڪيٽن جو وڪرو جاري آهي ۽ اڄ ٿيندڙ ميچز ۾ وڌيڪ ماڻهو ميچ ڏسي سگهندا. ڪورونا سبب اڳ ۾ تماشائن کي محدود ڪيو ويو هو. ڪو به شخص پنهنجي موبائل فون ذريعي شناختي ڪارڊ نمبر موڪلي ٽڪيٽ خريد ڪري سگهي ٿو. ايزي پيسا، جيز ڪيش يا ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي ادائگي ڪرڻ بعد صارف کي ايس ايم ايس ملندو ۽ هو اهو ايس ايم ايس ڏيکاري اسٽيڊيم ۾ داخل ٿي سگهندو.  اڄ ٻه ميچ کيڊيا ويندا، لاهور قلندرز جو ملتان سان ميچ 3 وڳي ٿيندو، پشاور زلمي ۽ ڪوئٽا جو ميچ رات 8 وڳي ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو