آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جي برآمدات ۾ اضافو ٿيو آهي، دائود

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تجارت بابت وزيراعظم جي مشير رزاق دائود چيو آهي ته هلندڙ مالي سال جي ابتدائي 7 مهينن دوران آٰءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪٽر جي برآمدات ۾ 38 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ٿي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن ٻڌايو آهي ته جولاءِ کان جنوري تائين هنن سيڪٽرز جي برآمدات جو مقدار 81 ڪروڙ 10 لک ڊالر آهي. رڳو جنوري ۾ 16 ڪروڙ 10 لک ڊالر جي برآمدات ٿي آهي. جنوري 2020 ۾ برآمدات 12 ڪروڙ 80 لک ڊالر هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو