‘چين ۽ آمريڪا جا اختلاف نبيرڻ لاءِ پاڪستان تيار آهي’

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ ذريعي اقتصادي رابطا سريلنڪا تائين وڌائي سگهجن ٿا ، پاڪستان ۽ سريلنڪا دهشتگردي جهڙن مسئلن کي منهن ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڪالهه ڪولمبو پهتو هو جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. گارڊ آف آنر پيش ڪري توپن جي سلامي ڏني وئي. وزيراعطم عمران خان سريلنڪن هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منهنجو هي دورو ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ آهي، پاڪستان چين جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو حصو آهي ۽ سي پيڪ ان جو اهم ترين پروگرام آهي، جيڪو علائقائي رابطن کي هٿي جا نوان رستا کوليندو. هن چيو ته سي پيڪ ذريعي اقتصادي رابطا وچ ايشيا ۽ سريلنڪا تائين وڌائي سگهجن ٿا، سريلنڪا کي دعوت ڏيان ٿو ته پاڪستان ذريعي پنهنجي اقتصادي علائقائي رابطن کي هٿي ڏئي. ٻئي ملڪ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ بعد هاڻ اسان ڪورونا صورتحال ۾ هڪ ٻئي مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهيون. گڏيل قومن جهڙي عالمي تنظيمن کي اڳتي وڌي غريب ملڪن جو خيال رکڻ گهرجي. وزيراعظم ان موقعي تي سريلنڪن هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. سريلنڪن وزيراعظم مهيندرا راجا پاڪسا چيو ته ڪورونا وائرس ملڪ کي متاثر ڪيو آهي، وبا کان اڳ سياحت ۽ ايوي ايشن جي شعبن ۾ سرگرميون وڌي رهيون هيون. هن ٻڌمت جي پيروڪارن لاءِ سياحت جا دَر کولڻ ۽ راندين جي شعبي ۾ سهڪار تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ٻئي ملڪ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف هڪٻئي جي مدد جاري رکندا. جڏهن ته غير قانوني منشيات، هٿيارن جي سمگلنگ ۽ ٻين سڀني غير قانوني سرگرمين خلاف ٻنهي ملڪن جون لاڳاپيل ايجنسيون رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائينديون. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي به صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم عمران خان چيو ته هو آمريڪا ۽ چين ۾ هلندڙ اختلاف نبيرڻ لاءِ ڪوششون ڪري سگهي ٿو جيڪڏهن ٻئي ملڪ چاهن ته هو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم سري لنڪا ۾ سيڙپڪاري واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته منهنجو سياست ۾اچڻ جو مقصد غربت جو خاتمو آهي، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال غريبن لاءِ ٺاهيو آهي، هن چيو آهي ته سيڙپڪاري جي ذريعي غربت کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ڪاروباري برادري لاءِ سهولتون ترجيحن ۾ شامل آهن، وزيراعظم چيو آهي ته سري لنڪا ۽ پاڪستان دهشتگردي جو شڪار رهيا، دهشتگردي کان سياحت ۽ سيڙپڪاري متاثر ٿي، پر خطي جي ملڪن سان گڏ واپاري واسطا سڌا ڪري غربت کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، عمران خان چيو آهي ته برصغير ۾ سمورن تڪرارن کي ڳالهين سان حل ڪرڻ جو خواهشمند آهيان، اقتدار ۾ اچڻ تي ڀارت کي ڳالهين جي آڇ ڪئي پر ڳالهه نه ٺهي، اسان جو واحد اختلاف ڪشمير تي آهي ۽ ڪشمير مسئلو صرف ڊائيلاگ سان ئي حل ٿي سگهي ٿو، هن چيو آهي ته هڪ مسئلي جي حل لاءِ جنگ ٿيڻ سان وڌيڪ تڪرار جنم وٺندا آهن، مسئلن جو حل جنگ ۾ نه پر ڳالهين ۾ آهي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان سري لنڪن هم منصب کي پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو