فيصل واوڊا جو فارم بحال پرويز رشيد جو رد ٿي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جَي اليڪشن ٽربيونل نون ليگ اڳواڻ پرويز رشيد کي سينيٽ چونڊن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو: پرويز رشيد جِي نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ بابت رٽرننگ آفيسر جَي فيصلي خلاف اپيل رد ڪئي وئي. پرويز رشيد چيو آهي ته مونکي خبر آهي ته منهنجو ڏوهه ڪجهه ٻيو آهي، سزا ڪنهن ٻِي ڳالهه تي ڏياري پئي وڃي، سينيٽر ٿيان يا نه، پر اڄ انڌير نگري کي وائکو ڪري ڇڏيو. پرويز رشيد تي پنجاب هائوس جا رهتون آهن، سندس چوڻ آهي ته ادائگي ڪرڻ وڃان ٿو ته آفيسر سيٽ تي ناهي موجود. سنڌ جي اليڪشن ٽربيونل، پي ٽي آءِ جَي سينيٽ اميدوار فيصل واوڊا جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي، فيصل واوڊا کي سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جِي اجازت ملي وئي. پيپلز پارٽي جَي قادر خان مندوخيل فيصل واوڊا کي نااهل قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪرائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو