تيز رفتار ڪار ڪلٽي 4 نوجوان ٿڏي تي فوت

تيز رفتار ڪار ڪلٽي 4 نوجوان ٿڏي تي فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)يونيورسٽي روڊ تي خوفناڪ حادثي ۾ چار ڪار سوار ٿڏي تي  ئي فوت ٿي ويا. يونيورسٽي روڊ تي تيز رفتار ڪار فٽ پاٿ سان ٽڪرائجڻ بعد ڪلٽي ٽي پئي جنهن جي نتيجي ۾ چارئي ڪار سوار فوت ٿي ويا. اطلاع تي پوليس ۽ امداد ٽيمن پهچي فوتين جا مڙهه عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا جتي فوتين جي سڃاڻپ رميز ، روحان ، تيمور ۽ غالب طور ٿي . پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو چارئي ڪار سوار موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو