قلندرز جي پشاور کي 4 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)لاهور قلندر پنهنجي پهرين ميچ ۾ پساور زلمي کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فتح جي شروعات ڪري ڇڏي. لاهور قلندرز ٽاس کٽي زلمي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ هو 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 140 رنز اسڪور ڪري سگهيا. جوابي بيٽنگ ڪندي قلندرز 6 وڪيٽن جي نقصان تي 18.3 اوورز ۾ 141 رنز ٺاهي ميچ کٽي ورتي. پشاور جا ٻئي اوپنر ناڪام رهيا، امام الحق ميچ جي پهرين بال تي آئوٽ ٿيو ۽ ڪامران اڪمل به 5 رنز ٺاهي موٽيو. حيدر علي به کاتو نه کولي سگهيو، شعيب ملڪ ۽ ردر فورڊ 26، 26 رنز ٺاهيون. پي ايس ايل 6 جي سيزن جي پهرين ففٽي روي بوپارا اسڪور ڪئي ۽ عماد بٽ 11 بالن تي ٻن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 23 رنز اسڪور ڪيون. شاهين افيدي 3، سلمان مرزا 2 ۽ ڊيوڊ ويسي هڪ وڪٽ ورتي. لاهور وارن محطاط انداز ۾ شروعات ڪئي ۽ ڪپتان سهيل اختر 29 جي مجموعي اسڪور تي 14 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، فخرالزمان 15 ۽ آغا سلمان 21 رنز ٺاهي تڪڙ م واپس موٽيا، 89 جي مجموعي اسڪور تي بين ڊڪ به چيگم چٻاڙيندي 14 بالن تي 22 رنز اسڪور ڪري موٽيو، حفيظ 33 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو، سندن آخري وڪٽ سمت پٽيل جي ڪري جنهن 109 جي مجموعي اسڪور تي 8 رنز ٺاهيون، ان موقعي تي ارشد خان جارحاڻي انداز ۾ کيڏندي 15 بالن تي 27 رنز اسڪور ڪري ميچ کٽرائي. پشاور پاران وهاب رياض ۽ ثاقب 2،2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته مجيب الرحمان ۽ عاقب بٽ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. مين آف دي ميچ شاهين آفريدي کي قرار ڏنو ويو جنهن 14 رنز تي 3 وڪيٽون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو