ٿرپارڪر ۾ ننڍي چونڊ ڳڻپ جاري، پي پي اميدوار اڳتي

ٿرپارڪر ۾ ننڍي چونڊ ڳڻپ جاري، پي پي اميدوار اڳتي

مٺي (ن سنڌيار) ٿرپارڪر جي قومي تڪ اين اي 221 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ ختم ٿيڻ بعد ڳڻپ جاري آهي ي، پ پ اُميداور امير علي شاهه ۽ پي ٽي آءِ اُميدوار نظام الدين راهمون وچ ۾ مقابلي آهي. اڌ کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پي پي اميدوار 60 هزار کان مٿي ووٽ کڻي اڳتي آهي ۽ پي ٽي آءِ جي اميدوار جي هار نظر اچي رهي آهي. ننڍي چونڊ دوران 318 پولنگ اسٽيشنز تي 2 لک 81 هزار رجسٽرڊ ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرنو هو پر ٽرن آئوٽ ڪافي گهٽ رهيو. پولنگ شام 5 وڳي تائين جاري رهي. ننڍي چونڊ جي موقعي تي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز مقرر آهي، ڇاڇري جي قيصرار سما پولنگ اسٽيشنز تي اڻڄاتل شرپسندن بيلٽ باڪسز کي باهه ڏئي ڇڏي، واقعي بعد پوليس پي ٽي آءِ جي مقامي اڳواڻ امان الله سمون سوڌو 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، واقعي بعد پوليس ۽ رينجرز جي اضافي نفري پولنگ اسٽيشنز تي پهچي وئي، پولنگ جو عمل بند ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته بيلٽ باڪس سڙيا آهن، بيلٽ پيپر ناهن سڙيا، پي ٽي آءِ اميدوار الزام هنيو آهي ته سندس ووٽرز کي روڪيو پيو وڃي، اسڪول ۾ ڌماڪو به ڪيو ويو آهي پر اسين مقابلو ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو