ڪراچي ڪنگز جي ڪوئٽا کي 7 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل 6 جي شروعاتي ميچ ۾ دفاعي چيمپئن ڪراچي ڪنگز ڪوئٽه گليڊيئٽرز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنهنجي فاتحانه شروعات ڪئي. عماد وسيم ٽاس کٽي بائولنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪوئٽا وارا 121 رنز ٺاهي سگهيا. ٽام بينٽن کي عماد آئوٽ ڪيو ۽ اوپنر طور آيل سرفراز به 7 رنز ٺاهي واپس موٽيو. ڪرس گيل جارحاڻي انداز ۾ ٽيم جو اسڪور اڌ سينچري تي پهچايو ليڪن صائم ايوب 8 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، ٻن ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان گيل 39 رنز ٺاهيون ته ڊينئل ڪرسچن کيس چلتو ڪيو. ان بعد نواز جلدي رن آئوٽ ٿيو، اعظم خان جارحاڻو انداز اختيار ڪيو پر 17 رنز ٺاهي پويلين موٽيو، عثمان شنواري کي محمد عامر آئوٽ ڪري پهرين وڪٽ ورتي.

ڪراچي ڪنگز پاران ارشد اقبال 3 ۽ وقاص مسعود 2 وڪيٽون ورتيون. ڪراچي ڪنگز شاندار شروعات ڪئي ۽ نسيم ۽ قيص جي ٻن اوورز ۾ اسڪور 46 تي پهچايو. جو ڪلارڪ 3 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 46 رنز ٺاهي شنواري کي وڪٽ ڏني. بابر اعظم ۽ ڪولن انگرام اسڪور 87 تي پهچايو ته سرفراز پنهنجي ٽرمپ ڪارڊ حسنين کي بالنگ ڏني جنهن بابر کي 20 رنز تي چلتو ڪيو. ان بعد محمد نبي ۽ انگرام وڪٽ وڃائڻ بنا 37 بال پهريان ئي ٽيم کي کٽائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو