دنيا جي 15 ملڪن جي 200 کان مٿي عهدن تي ڀارتي مقرر

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)امريڪا ۽ برطانيا سميت دنياجي 15 کان مٿي ملڪن جي 200 اهم ۽ ليڊرشپ وارن عهدن تي ڀارتي شهري مقرر آهن جن مان 60 کان مٿي ڀارتي ڪابينا جي ميمبر آهن. اهڙو اظهار ڀارتي نزاد امريڪي شهري رنگاسوامي پاران جوڙيل لسٽ جيڪا اڪنامڪ ٽائمز ۾ شايع ٿي آهي، ان ۾ ڪيو ويو آهي.لسٽ ۾ امريڪا جي تازو چونڊيل نائب صدر ڪملا حارث جو خصوصي ذڪر ڪيو ويو آهي ته ڀارتي نزاد عورت دنيا جي قديمي جمهوريت جي قائد بڻي آهي. رنگاسوامي سليڪان ويلي ۾ ڪاروبار ڪندو آهي ۽ انڊين ڊايوسپورا تي ڪم ڪندو آهي. سندس چوڻ آهي ته دنيا جي اهم ملڪن ۾ ڀارتي شهرين جو اهم عهدن تي پهچڻ سندن محنت ۽ قابليت جي نشاني آهي جيڪا سڀني لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو