استادن جي ڀرتين ۽ ترقين بابت نئين پاليسي منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا تعليمي ادارن ۾ ڀرتين لاءِ حڪومتي ڪميٽي طرفان پيش ڪيل تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا طرفان پرائمري ٽيچرز کي گريڊ 9 مان 14 گريڊ تائين ترقي ڏيڻ واري ڪميٽي جي تجويز منظورڪئي، وڏي وزير جي ترجمان موجب ڪميٽي ڪابينا کي سفارش ڪئي ته پرائمري ٽيچرز لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اهليت سيڪنڊ ڊويزن ۾ گريجوئيشن هجڻ گهرجي ۽ نوَن استادن جي ڀرتي لاءِ پروفيشنل قابليت لازمي هوندي، ڀرتيون ٽن مرحلن ۾ ڪيون وينديون. ڪميٽي طرفان چيو ويو آهي ته پي ايس ٽي استاد پنهنجي پوري سروس پرائمري اسڪولز ۾ ڪندا ۽ پروموشن اڳئين گريڊ ۾ ٿيندو رهندو. ڪميٽي چيو آهي ته استادن جي نئين ڀرتين لاءِ پروفيشنل قابليت لازمي هوندي ۽ تعليم کاتي ۾ 37 هزار جايون خالي آهن. ڪميٽي چيو آهي ته تعليم کاتي آءِ بي اي سکر سان سليڪشن لاءِ معاهدو ڪيو آهي، خالي جڳهن تي ڀرتي 3 سالن جي اندر ٽن مرحلن ۾ ڪئي ويندي. ڪابينا طرفان ڪميٽي جون سفارشون منظورڪرڻ کانپوءِ هاڻي سفارشن جي روشني ۾ تعليم کاتو ڪيس ٺاهي ايندڙ اجلاس ۾ آڻيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو