سکر(بيورو رپورٽ)نوجوان پاران زال پيڪن رسي وڃڻ تي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ليبر ڪالوني واري علائقي ۾ نوجوان غلام محمد شيخ گهر اندر ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان غلام محمد شيخ ٽي سال اڳ شادي ڪئي هئي گهريلو ناراضگي سبب چار مهينا اڳ سندس گهرواري ڪاوڙجي پيڪن هلي وئي ان معاملي تان غلام محمد شيخ گهر جي ڪمري ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي پوليس موجب واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو آهي جتان قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.










