پاڻي جي دٻي مان پيرسن عورت جو لاش هٿ سڃاڻپ نه ٿي سگهي

پاڻي جي دٻي مان پيرسن عورت جو لاش هٿ سڃاڻپ نه ٿي سگهي

جيڪب آباد (ن سنڌيار) جيڪب آباد ويجھو پيرسن عورت جو پاڻي جي کڏ مان لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ايڌي حوالي.صدر ٿاڻي جي حد جيلاني ٽائون وٽ پيرسن عورت جو لاش پاڻي جي کڏ ۾ ترندو ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڪيو، حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پاڻي مان ڪڍرائي پنهنجي تحويل ۾ وٺي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيول.لاش 8 ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رھيو پر سڃاڻپ نه ٿي سگهي، جنهن بعد پوليس لاش دفنائڻ لاءِ ايڌي جي حوالي ڪري ڇڏيو.صدر پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پاڻي جي کڏ مان ھٿ آيل عورت جي لاش تي تشدد جا ڪي به نشان نه ھئا سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش ايڌي وارن جي حوالي ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو