سڪرنڊ ( رپورٽ راجڪماراوڏ )راجپوٽ ماڊل ٽائون باءِ پاس سڪرنڊ جي سوين متاثرين پاران سڪرنڊ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . ان موقعي تي پلاٽ متاثرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 14 سال اڳ سيٺ خوشي محمد راجپوت کان بلڊر حاجي صادق آرائين ۽ رفيق ڀٽي زمين خريد ڪئي ۽ مختيارڪار کان اين او سي وٺي ٽائون پلا نيگ کان نقشو پاس ڪائي پلاٽنگ اسڪيم شروع ڪئي جنهن ۾ اسان قسطن تي پلاٽ بوڪ ڪرايا پنهنجي ۽ ٻچن جي پيٽ کي بکيو رکي ، وڏين تڪليفن سان ٿورا ٿورا پئسا گڏ ڪري قسطون جمع ڪرايون ۽ انهن پلاٽن جون رجسٽريون پڻ وصول ڪيون ، جيڪي اسان وٽ موجود آهن . هنن چيو بقول سيٺ خوشيءَ جي ته مون ظهير شاه کي پئسن عيوض راجپوت ماڊل جي زمين نه ڏني آهي پر ان کي پنهنجي کڻت واري الڳ زمين ڏني آهي . هن وقت ظهير شاه روينيو عملدارن جي ملي ڀڳت سان راجپوت ماڊل ٽائون جو نالو تبديل ڪري ظهير شاه ڪالوني جو بورڊ لگائي ۽ ساڳيا پلاٽ ٻين ماڻھن کي وڪرو ڪيا پيا وڃن ۽ غريب پلاٽ مالڪان سان سوچيل سمجهيل منصوبي تحت فراڊ ڪيو پيو وڃي . هنن چيو ته اهڙو فراڊ ڪنهن به صورت ۾ ڪرڻ نه ڏنو ويندو ۽ ان خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو . پلاٽ متاثرين وزير اعظم پاڪستان ، وزير اعلٰى سنڌ ، آءِ جي سنڌ ، هتان جي چونڊيل نمائيندن ۽ ٻين اعلٰى اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته راجپوت ماڊل ٽائون جي متاثرين کي پلاٽ ڏئي انهن سان انصاف ڪيو وڃي










