پي ڊي ايم جي ڪاميابي لاء سڀني کي اختلاف وساري ھڪ ٿيڻو پوندو

پي ڊي ايم جي ڪاميابي لاء سڀني کي اختلاف وساري ھڪ ٿيڻو پوندو

تحرير عبدالمجيد بروھي 

ھن وقت وفاقي وزيرن سميت سندن جو نااھل وزيراعظم ۽ سندن جا ڪجھ درٻاري اينڪرپرسن پي ڊي ايم جي ناڪامي جو راڳ ڳائي رھيا آھن سندن جو چوڻ آھي ته پي ڊي ايم وارا سڀ پاڻ ۾ وڙھي رھيا آھن مولانا فضل الرحمان کين متحد ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آھي پي ٽي ايم شامل ٻن وڏين پارٽين پ پ پ ۽ ن ليگ ۾ اختلاف تيز ٿي ويا آھن پ پ پ ۽ ن ليگ جا بيانيا پڻ مٽجي ويا آھن وغيرا ان کان علاوا حڪومتي وزير مشير ان ڳالھ تي بـ زور ڏئي رھيا آھن تـ ڇو اڄ تائين پي ڊيم ايم وارا پنھنجي ھڪ بـ واعدي تي عمل ناھن ڪري سگھيا 31 ڊسمبر بعد سندن پاران اسيمبلين تان استعيفا ڏيڻ جا جيڪي واعدا ھنن جا ھيا اھي پنھنجن واعدن تي عمل ناھن ڪري سگھيا ڇو تـ ھي سڀ چور آھن صرف پاڻ بچائڻ جي لاء شور ڪري رھيا آھن وفاقي حڪومت جي مشيرن وزيرن ۽ سندن نااھل وزيراعظم کي ان جھڙيون ڳالھيون ڪرڻ جو موقعو بـ مان سمجھان ٿو پي ڊي ايم وارن پاڻ ڏنو آھي اگر سڀني پارٽين جا سربراھ پي ڊي ايم جي صدر ذريعي پنھنجو موقف ميڊيا جي آڏو رکن ھاتـ پوء شايد حڪومتي درٻارين کي ان جھڙين ڳالھين جو موقعو ملي نـ سگھي ھا پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جيڪو بيان ڏنو ۽ پريس ڪانفرنس ڪري پنھنجي حڪمت عملي ۽ وفاقي حڪومت خاص ڪري وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ آڻي کين گھر ڀيڙو ڪرڻ جو جيڪو اعلان ڪيائين اگر اھو بيان ۽ پريس ڪانفرنس سڀ گڏجي ڪن ھا تـ پوء شايد اھي لفافي وارا اينڪر ان ڳالھ کي اشو بـ نـ بڻائين ھا ۽ اھو بـ ضرور چوندس  تـ جيڪو اعلان پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي ڏنو ھيو ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگھجي ٿو پ پ پ پاران  ان پنھنجي ڳالھ کي پي ڊي ايم جو بيانيو بڻائڻ جي لاء تمام پاٽين کي اعتماد وٺڻ گھرجي ڇو تـ ھن وقت اگر سياست جي بادشاھ مفاھمت جي بادشاھ آصف علي زرداري جي ذھن مطابق ڪم ڪري اڳتي وڌڻ گھرجي اگر آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان پاڻ پنجاب حڪومت جي خاتمي لاء ڪوشش ڪن تـ اھي ائين ڪري سگھن ٿا ڇو تـ پنجاب ۾ بـ پي ٽي آء کي ايڏي اڪثريت نـ آھي اگر ن ليگ ۽ پ پ پ سان ق ليگ وارا گڏجي وڃن تـ پوء آساني سان بوزدار کي گھر ڀيڙو ڪري سگھن ٿا ھن وقت اگر آصف علي زرداري مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف گڏجي چوڌري ڀائرن سان مذاڪرات ڪن ۽ کين چون تـ توھان کي پي ٽي آء وارا اسپيڪر شپ ۽ ڪجھ وزارتون ڏنيون آھن ۽ ھڪ سينيٽر توھان کي چونڊرائي ڏيندا اگر اسين اوھان کي سپورٽ ڪريون پنجاب جي وڏ وزارت اوھان کي ڏيون اچو اسان جو ساٿ ڏيو تـ پوء شايد ق ليگ ۽ چوڌري ڀائر آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان کي انڪار نـ ڪري سگھندا ان سان ائين ٿيندو جو ق ليگ جي سپورٽ حاصل ٿيڻ بعدوفاقي حڪومت کي بـ آساني سان گھر موڪلڻ جو رستو کلي سگھي ٿو  ڇو تـ جڏنھن عمران خان کي وزيراعظم چونڊيو ويو ھيو ان وقت  کيس بي اين پي مينگل وارن جا پنج ووٽ ۽ ق ليگ وارن جا ووٽ بـ مليا ھيا جنھن بعد صرف پنج ووٽ مٿي کڻي عمران خان وزيراعظم چونڊيو ويو ھيو ۽ اڄ اھي بي اين پي مينگل وارن جا پنج ووٽ تـ اڳواٽ ئي پي ڊي ايم وٽ آھن اگر ق ليگ وارا پڻ پي ڊي ايم وارن سان گڏجن ٿا تـ  پوء عمران خان  سميت ڌر بڻيل اسپيڪر کي پڻ آساني سان گھر موڪلي سگھجي ٿو پر ان ۾ سڀني جو پاڻ ۾ متحد رھڻ انتھائي اھم آھي مان ذاتي حيثيت ۾ اھو چوندس تـ پ پ پ چيئرمين جي ڏنل تجويز تمام سگھ رکندڙ ۽ وقتائتو ضرور آھي پر ان کي پي ڊي ايم جي ذريعي ڏيارڻ گھربو ھيو پر پ پ پ چيرمين جي بيان بعد فورن ميڊيا تي اچي ان جي مخالفت ڪرڻ بـ۔  ن ليگ وارن کي نـ گھربو ھيو اگر انھن کي پ پ پ جي بي اعتمادي واري رٿ واري اعلان سان اختلاف ھيا تـ اھي ان جي مخالفٿ بـ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ڪن ھا مولانا صاحب جي آڏو شڪايت ڪن ھا ائين ئي ٻاراڻي ڪري  ميڊيا تي اچي بلاول ڀٽي جي خلاف بيان بازي ڪرڻ سان ئي وفاقي وزيرن ۽ درٻاري مشيرن کي وارو ملي وڃي ٿو ۽ اھي سرعام پي ڊي ايم جي ناڪامي جا دھل وڄائيندا رھن ٿا ان جي ڪري اھو تمام ضروري آھي تـ پي ڊي ايم جا جيڪي بـ بيان ۽ اھم اعلان ھجن اھي سڀ گڏيل راء سان ڪري ان تي پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪري سڀ ھڪ ٿي ڪري پوء اچي ميڊيا تي پي ڊي ايم جي سربراھ سان گڏجي اھم اعلان ڪيا وڃن تـ پوء ئي سڀني جا وات بند ٿي سگھن ٿا انـجي لاء سڀ جماعتون سمورا اختلاف پاسي تي رکي ڪري ھڪ ٿي ڪري عمراني حڪومت خلاف ميدان تي نڪرن جنھن ذريعي آرام سان عمران خان ۽ سندس نااھل ٽولي کي گھر ڀيڙو ڪري سگھجي ٿو 

—

پهنجو تبصرو موڪليو