سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي واپارين جو ميونسپل ڪارپوريشن خلاف شٽربند ھڙتال ڪري گھنٽا گھر آڏو ڌرڻوهنيو. ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل ڪمشنر کي ھٽائڻ ۽ ڪرايا گھٽائڻ جو مطالبو. سکر واپارين طرفان وڪٽوريا مارڪيٽ، مھراڻ مرڪز سميت ٻيون مارڪيٽن ۾ شٽربند ھڙتال ڪري گھنٽا گھر چوڪ تي ٽين3 ڏينهن به ميونسپل انتظاميا خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. اِن موقعي تي حاجي ھارون ميمڻ، ممتاز لڪي، ياسين آرائين، چندر ڀان چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن سکر واپارين جو معاشي قتل عام ڪرڻ چاھي ٿي، جيترو ظلم سکر جي تاجرن سان ڪيو ويو آھي اُوترو ملڪ جي تاريخ ۾ ڪٿي به ناھي ٿيو. ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل ڪمشنر غلط بياني ڪندي ساڍا 4 ھزار سيڪڙو ڪرايا وڌائي عدالت کي گمراھ ڪيو آھي، 11 رڪني ڪاميٽيءَ ۾ شامل تاجرن کان اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ صحيحون ورتيون ويون جنھن کي عدالت ۾ وڌايل ڪرائي تي راضي ھجڻ جو ڄاڻايو ويو آھي. ھاڻي مختلف طريقن سان دوڪاندارن کي حراسان ڪرڻ توڙي ڌمڪائڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي. تاجرن جو چوڻ ھو ته عدالت اسان جو موقف ٻڌڻ کان بنا ئي ڪراين ۾ اضافو ڪيو آھي، اسان انصاف جي حاصلات لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ويل آھيون، عدالت مان انصاف جي اميد آھي. ھنن چتاءٌ ڏيندي جيستائين دوڪانن جا ڪرايا گھٽ نه ڪيا ويندا ۽ ايڊمنسٽريٽر توڙي ميونسپل ڪمشنر کي نٿو ھٽايو وڃي تيستائين احتجاجي تحريڪ جاري رھندي. ھنن وزير اعظم پاڪستان، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ جي وڏي وزير، صوبائي وزير بلدياتي توڙي لاڳاپيل اختيارين کان نوٽيس وٺي سکر جي واپارين جو بنيادي، قانوني مطالبو تسليم ڪري انھن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي










