اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪ فضائيه جو خصوصي جهاز ڪورونا وئڪسين ڏيهه آڻڻ لاءِ چين پهتل، جهاز بيجنگ مان وئڪسين جِي کيپ کڻي پاڪستان پهچندو، ملڪ ۾ وئڪسين لاءِ جامع حڪمتي عملي تيار ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ وئڪسين رکڻ لاءِ گهربل انتظام ڪيا ويا آهن، اين سي او سي موجب، سنڌ ۽ بلوچستان سوڌو سمورن صوبن کي ڪورونا وئڪسين فراهم ڪئي ويندي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي وئڪسين ڪوآرڊينيشن سينٽرز قائم آهن، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ سرڪاري سطح تي مفت وئڪسين لڳائي ويندي، وئڪسين لڳائڻ جو عمل اڱاري يا اربع کان شروع ٿي ويندو، هڪ ڪروڙ 70 لک دستياب وئڪسين جا سمورا ڊوز هلندڙ سال جي جون مهيني تائين ملي ويندا.










