گئس نه ملڻ خلاف مختلف سياسي پارٽين جو احتجاج

گئس نه ملڻ خلاف مختلف سياسي پارٽين جو احتجاج

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي )مانجهند ۾ تعللقي کي گئس ۽ سهولتون نه ملڻ خلاف  ايس يو پي، ايس ٽي پي ،جسقم، جي يو آءِ، ن ليگ ، لطيف فورم ڪارڪنن ۽ سوين رهواسين شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪندي آذانون ڏئي الله اڪبر جو صدائون هڻي انوکو احتجاج ڪيو. مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر جهنڊا کڻي ڊي سي ڄامشورو ۽ چونڊيل نمائندن ڳولي ڏيو جي ڇتي نعريبازي ڪئي وئي  ان موقعي تي قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻن خدا بخش ٿيٻو گوتم چنه سڌير احمد رند  شفيع ملاح لياقت ملاح گلشير کوسو انور مڱڻھار  يوسف  عمراڻي بابل لطيف کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت علي آباد ۽ انڙپور مان وڏي مقدار ۾ گئس زخيرا ملڻ باوجود تعلقو مانجهند گئس جهڙي نعمت کان محروم آھي ڊي سي ڄامشورو ۽  يو اي پي ڪمپني انتظاميا سخت احتجاج تي سمورا مطالبا لکت ۾ مڃيا هئا پر انهن تي عمل نه ٿي سگهيو آھي جنهن ۾  گئس نه هئڻ سبب جديد دور ۾ عورتون آلين ڪاٺين ڇيڻن تي رڌ پچاء ڪن ٿيون جنهن سبب سندن نظر ڪمزور ٿيڻ سان گڏ ٽي بي دم سهڪ سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويون آھن  مقامي پڙھيل نوجوانن  ڊگريون کڻي دربدر ٿي بي روزگاري واري زندگي گذاري رهيا آھن پر يونائيٽڊ انرجي پاڪستان  ڪمپني ڌارين جي لوڌ کي روزگار ڏئي رهي آھي تعلقي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ روڊ ٽٽل تعليم تباه ٿيل آھي صحت جون سهولتون ميسر ناهن پر ڪمپني  ڪميونٽي فنڊ علائقي جي ترقي بجاء ھڙپ ڪري آھي جڏهن گئس نڪرڻ واري هنڌ  زمينن جا معاوضا نٿا ڏنا وڃن  هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت سمورا مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج جاري رهندو ھوڏانهن ڊي سي ڄامشورو سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون اٽينڊ نه ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو