ڏکڻ آفريقاکي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست

ڏکڻ آفريقاکي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، کپري واسي نعمان علي جي شاندار بالنگ، ٻنهي اننگز ۾ 7 وڪيٽون وٺي نمايان رهيو، ياسر شاهه جون 4 وڪيٽون، پاڪستان ڏکڻ آفريقا جو 88 رنز هدف 3 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو، پاڪستان ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز ۾ ٻڙي هڪ جي برتري حاصل ڪري ورتي. پاڪستان جا اوپنر عابد علي ۽ عمران بٽ هڪ ٻئي پويان 22 ۽ 23 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويا.  جنهن بعد اظهر علي ۽ ڪپتان بابر اعظم فتح جي ويجهو پهتا ته ٻن رنز جي دوري تي بابر اعظم 30 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، اظهر علي 31 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو. فواد عالم کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 245 رنز تي ڍير ٿي وئي هئي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم پهرين اننگ ۾ 220 اسڪور ڪري سگهي، پاڪستان پهرين اننگ ۾ 378 رنز ٺاهي 158 رنز وڌيڪ ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو