ڪورونا سبب ملڪ ۾ 58 وڌيڪ فوت

اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا سبب ملڪ ۾ 58 وڌيڪ فوت ٿي ويا آهن ۽ 1هزار 8سئو کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات ويب سائيٽ جي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 42هزار 587 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1هزار873 ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته 58 وڌيڪ  وائرس کان متاثر ٿيا آهن.سرڪاري پورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا مثبت شرح 4.3 سيڪڙو هئي.سرڪاري رپورٽ مطابق ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو ڪل تعداد 11هزار376 ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل انگ 5لک 35هزار914 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 34هزار412  ٿي چڪو آهي.ان کان علاوه سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران1هزار223 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن ان کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 4لک 90هزار126 ٿي چڪو آهي.سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک42هزار054 ٿي چڪو آهي جڏهن ته 3هزار900 ماڻهو هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک 54هزار717 آهي ۽ 4هزار608 ماڻهو هن وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 18هزار754 آهي ۽ فوتين جو ڪل تعداد 193 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد وڌي 65هزار740 ٿي چڪو آهي ۽  1هزار848 فوت ٿي چڪا آهن ، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 8هزار855 ماڻهو وائرس کان متاثر ٿيا  آهن ۽ 257  مريض ماڻهون فوت ٿي چڪا آهن.ان کان علاوه ، گلگت بلتستان ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد هينئر تائين 4 هزار902 آهي  ۽ 102 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 40هزار892 آهي ۽ هن وقت تائين 468 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ا

پهنجو تبصرو موڪليو