فارين فنڊنگ ڪيس ۾ مون کي ڦاسائڻ وارا پاڻ ڦاسي ويا آهن،خان

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فارين فنڊنگ ڪيس ۾ اسان کي ڦاسائڻ وارا پاڻ ڦاسي چڪا آهن.اليڪشن ڪميشن ۾ اسان جو موقف صحيح ثابت ٿيو آهي. رپورٽ موجب حڪومتي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان براڊ شيٽ معاملي تي شفاف ۽ منصفاڻي جاچ ڪرائڻ چاهيون ٿا. اپوزيشن جي خوش فهمي آهي ته هو پروپيگنڊه ڪري حقيقتون لڪائيندا قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ هر ڪردار کي سامهون آنينداسين.هن جو چوڻ هو ته حيرت آهي ته قبضه ڇڏائڻ کي به سياسي انتقام قرار ڏنو پيو وڃي. سرڪاري زمينن تي قبضا ڪندڙن کي(ن) ليگ جي سرپرستي حاصل رهي. سياسي پٺڀرائي کان سواءِ ڪوبه سرڪاري زمين تي قبضو نٿو ڪري سگهي.وزيراعظم ترجمانن جي اجلاس دوران قبضه مافيا جي خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. عمران خان هدايت ڪئي آهي ته حڪومتي ترجمان قبضه مافيا جي خلاف آپريشن جي تفصيلن کان قوم کي آگاهي ڏين. وزيراعظم عمران خان پرڏيهي پاڪستانين جي شڪايتن تي نوٽيس وٺندي پرڏيهه ۾ موجود سفارتي عملي ۽ مشن جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ لاءِ عملي قدم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.وزيراعظم پرڏيهي وزارت کي 20 ڏينهن ۾ ايڪشن پلان مڪمل ڪرڻ جو چيو. هن جو چوڻ هو ته رپورٽ هر چئن مهينن کان پوءِ پيش ڪئي وڃي. سفارتي عملي جي پرفارمنس تي ٻڌل ريٽنگ طئي ٿيندي ۽ بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ سفارتي عملي کي پاڪستان واپس گهرايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو