بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ) سنڌ حڪومت پاران ٻين صوبن جي ماڻھن کي سنڌ جو ڊوميسائل جاري ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران ڊاڪٽر يوسف خاصخيلي شهباز سنڌي نور سومرو بخاري عزير ميمڻ سڪندر سنڌي نصرالله ڀرڳڙي مهراڻ نهڙيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس بدين جي سامھون احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر يوسف خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جو نوجوان ڊگريون ھئڻ جي باوجود نوڪري کان محروم آھي ۽ ھو محنت مزدوري ڪري پنھنجو پيٽ گذر ڪري ٿو جڏهن ته پنجاب، افغانستان، خيبرپختونخواهه سميت پاڪستان جي ٻين صوبن جي ماڻھن کي سنڌ جو ڊوميسائيل جاري ڪري انھن کي سنڌ ۾ نوڪريون ڏئي سنڌ جي نوجوان جي حق تلخي ڪئي وئي آھي، ھنن چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سوين جعلي ڊوميسائلن جا ڪيس سامھون آيا آهن جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته سنڌ جي شاگردن جي سيٽن تي ٻين صوبن جي شاگردن کي داخلا ڏئي انھن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آھي، ھنن چيو ته يوٿ ايڪشن ڪاميٽي سنڌي شاگردن سان ناانصافي تي خاموش نه ويهندي، جڏھن ته آخر ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي وفد پاران جعلي ڊوميسائلن ۽ ٻين صوبن جي شاگردن کي داخلا ڏيڻ جي جاچ لاءِ ڊي سي آفيس ۾ درخواستون ۽ ثبوت پيش ڪيا ويا، ھنن مطالبو ڪيو ته لاڳاپيل ضلعن جا ڊي سي فوري طور تي جاچ ڪرائي متاثر شاگردن کي حق ڏيارين، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ عدالتن جو در کڙڪايو ويندو. ٻئي پاسي بدين ضلع جي ڪوڙن ڊوميسائيلن تي پشاور ڪراچي ۽ حيدرآباد ضلعن سان تعلق رکندڙ 13 شاگردن جون لمس ۽ بلاول ميڊيڪل ڪالج ۽ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ بدين ضلع جي سيٽن تي داخلائون ٿيڻ خلاف ايس يو پي ۽ بدين شاگرد فورم طرفان ڊي سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو.

تفصيل موجب بدين ضلع جي ڪوڙن ڊوميسائلن تي ڪي پي ڪي. ڪراچي سميت ٻاهرين ضلعن جي شاگردن جون داخلائن بدين جي مقامي شاگردن جي حق تلفي خلاف ايس يو پي ۽بدين شاگرد فورم طرفان امير آزاد پهنور. ذيشان شاھ. مرتضي نهڙيو جي اڳواڻي ۾ ڊي سي بدين آفيس اڳيان احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو هنن اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي سي آفيس سميت ضلع جي مخلف سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون ڪندڙ ٻاهرين ضلعن جا آفيسر ۽ ٻيو عملو سفارش ۽ پيسن عيوض ٻاهرين ضلعن جي رهائشي ماڻھن جا ڪوڙا ڊوميسائل ٺاهي بدين ضلع جي مقامي نوجوانن کي صوبائي ۽ملڪي تعليمي ادارن ۾ داخلائن کان محروم ڪري رهيا آھن هنن ٻڌايو ته هفتو اڳ ۾ لمس . بلاول ميڊيڪل ڪاليج ۽ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾داخلا لاء انٽري ٽيسٽ ۾ پاس ٿيندڙ شاگردن جون ميرٽ لسٽون لڳايون ويون آھن انهن ۾ 13شاگردن اهڙا آھن جن جا بدين ضلع جا ڪوڙا ڊو ميسائل ٺھيل آھن جن جا تفصيل ۽ ثبوت اسان ڊي سي بدين جي حوالي ڪيا آھن ان هوندي به ضلعي انتظاميا انهن خلاف ۽ ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آھي هنن چيو ته ڊي سي بدين ترت قدم نه کنيو ته بدين ضلع جا شاگرد داخلائن کان محروم ٿي ويندا هنن ڊي سي بدين ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته هو ڪوڙن ڊوميسائلن کي رد ڪري بدين جي شاگردن کي داخلائن جو حق ڏيارين.










