فريال ٽالپر جي شهيدن جي مزارن تي حاضري

نئون ديرو (ن سنڌ يار) پيپلزپارٽي عورت ونگ جي مرڪزي اڳواڻ ايم پي اي فريال ٽالپر شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ لاءِ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پھچي وئي، ايم پي اي فريال ٽالپر شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شھيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪرڻ بعد فاتحه خواني ڪئي.ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا. ايم پي اي فريال ٽالپر جي ڳڙهي خدابخش ڀٽو آمد کان اڳ مزار کي عام ماڻھن کان مڪمل طور تي خالي ڪرايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو